سترام داس سائل

سترام داس سائل

سترام داس سائل

سترام داس ’سائل‘: سترام داس سائل جو پورو نالو سترام داس سوڀاسنگهه جڙياسنگهاڻي سائل آهي. هن 1922ع ڌاري لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ’مهر ننڍا‘ ۾ جنم ورتو هو. سندس پيءُ هڪ هاڪارو حڪيم هو، جنهن کي ’مڏ باهو‘ (تعلقي لاڙڪاڻي) ۾ حڪمت جو عاليشان دڪان هو. سترام داس اتي سنڌي اسڪول ۾ پڙهندو به هو ۽ مريضن لاءِ دوائن جا پڙيڪا به ٺاهيندو هو، ائين کيس ننڍي هوندي سوين پسارڪي شين، ڪيترن مرضن جي نالن ۽ طبابت سان واسطيدار ڳالهين جي ڄاڻ حاصل ٿي وئي.
سترام داس سائل بي. اي ۾ فارسي ۽ سنڌي مضمون کنيا هئا. 1937ع کان وٺي مئٽرڪ جي ڪتابن جون گائيڊون لکڻ شروع ڪيون هئائين، جيڪو ڪم هو 1990ع تائين ڪندو رهيو.
ڀارت جي ورهاڱي کانپوءِ سترام داس سائل، سينٽ زيوئرس ڪاليج احمدآباد ۾ پروفيسر رهيو، جتي سنڌي ۽ فارسي پڙهائيندو هو. اتي هن 1956ع ۾ هڪ وڏو فارسي- سنڌي وياڪرڻ ڇپائي پڌرو ڪيو. 1960ع ۾ هن اردو ۽ فارسيءَ ۾ گجرات يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. هن احمدآباد ۾ رهي هندي ۽ گجراتيءَ جو وسيع اڀياس ڪيو. هتي رهي هن سنڌي اصطلاح ٻن ڀاڱن ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. ان کانپوءِ سنڌي پهاڪن جا ٻه ڀاڱا ڇپايائين. ائين ڪندي هن وٽ سنڌي پهاڪن ۽ اصطلاحن جو نه رڳو هڪ وڏو ذخيرو گڏ ٿي ويو، پر انهن کي الف ب وار ڪرڻ جو آزمودو به حاصل ٿي ويو. اٺن ڏهن سالن اندر هن گرامر جا چار سنڌي ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا، انهن گرامرن جي تياريءَ ۾ هن ڪيترن هندي ۽ گجراتي گرامرن جو اڀياس ڪيو ۽ گرامرن تي مڪمل دسترس حاصل ڪري ورتائين.
سترام داس ’سائل‘ سٺ سالن کان مٿي شهري جيون گذاريو آهي. ان ڪري شهري زندگي، ان جي ٻولي، تهذيب ۽ مختلف شين جي ڄاڻ هئڻ ڪري هن جڏهن سنڌي لغت (سائل ڪوش) تيار ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ گهربل صلاحيت ڏٺي ته ان ۾ هٿ ڳنڍيائين ۽ پورا ٽي سال ڏيل کي ڏُک ڏئي، نور نچوئي، هن اٺ ڪاٺئي ڪم کي مڪمل ڪيائين. سائل ڪوش تيار ڪرڻ جي ڪم ۾ ڄيٺي لالواڻيءَ سندس ڪافي مدد ڪئي ۽ جڳديش شهدادپوريءَ کيس ڪافي ڪتاب هٿ ڪري ڏنا.
سائل ڪوش جو پهريون ڇاپو، ليکڪ خود ڊسمبر 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪوش/ لغت جي اهميت کي محسوس ڪندي ان جو ٻيو ڇاپو ’ڪويتا پبليڪيشن‘ حيدرآباد، سنڌ، 2009ع ۾ پڌرو ڪيو. هن ڇاپي پڌري ڪرائڻ ۾ علي محمد چنا ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو وڏو هٿ آهي. هن ڪوش جي ڇپائيءَ ۾ دبئيءَ جي ناري ساولاڻي، پرڪاش ساولاڻي، تسليداس مٽائي ۽ رام بخشاڻيءَ هر طرح جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي. ٻئي ڇاپي جو فليپر ڊاڪٽر رام بخشاڻيءَ (دبئي) ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين، چيئرپرسن سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ لکيو آهي. سائل ڪوش جي ٻئي ڇاپي جو تفصيلي مهاڳ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي، جنهن سائل ڪوش جي اهميت تي تفصيلي بحث ڪيو آهي ۽ هن عالم جي عظمت جو هنن لفظن ۾ اظهار ڪيو آهي ته ”ڌڻيءَ در اها وينتي ٿو ڪريان ته سائين ڪو اهڙو موقعو عطا ڪري جيئن احمدآباد وڃي سنڌ جي هن مهان ودوان جا جيڪر قدم ڇهان ۽ اهي هٿ، جن سان هن ودوان اهڙو اعليٰ معيار ۽ مقام وارو ڪوش لکي، سنڌي ٻوليءَ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، انهن کي اکين تي رکڻ ۽ چمڻ جي سعادت حاصل ڪريان.“
پروفيسر سترام داس سائل باوجود پيرانه ساليءَ جي اڄ به احمد آباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۽ محبت لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو.


لفظ سترام داس سائلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو